جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو ڀاڳو فقير قبرستان مان 70 ورهين جي اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس سرزمين تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر ٻڌايو ته پيرسن شخص جو موت طبي آهي، دل جو دورو پوڻ سبب پيرسن فوت ٿيو آهي، سندس جسم تي ڪو به تشدد جو نشان نه مليو آهي، ٻي طرف لاش جي سڃاڻپ عمرڪوٽ جي بجير پاڙي جي رهواسي لکو پٽ گورکو بجير طور تي ٿي، فوتي پيرسن جي وارثن جهڏو پهچي سڃاڻپ ڪئي، وارثن موجب ته پيرسن جو دماغي توازن درست نه هو، ڪافي ڏينهن اڳ گهران نڪري ويو هو، پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.