جهڏو (ن پ ا) جهڏو جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ، ان ڏس ۾  جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ 124 ميل موري وٽ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش واهه ۾ لڙهندو ڏسي ڳوٺاڻن لاش کي ٻاهر ڪڍي جهڏو پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي ٻارڙي جي لاش کي ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو، جنهن لاش کي غسل ڪفن ڏئي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. پوليس موجب ته ٻارڙي جو لاش 3 ڏينهن پراڻو هو.