جھيڙي ڪيس ۾ 16 ڄڻن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

0
241
جھيڙي ڪيس ۾ 16 ڄڻن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
جھيڙي ڪيس ۾ 16 ڄڻن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

دادو: فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ محمد اشرف ڏهراج جي عدالت جهيڙي ڪيس ۾ 16 ڄڻن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت سعيد پنهور، عرفان پنهور کي 2-2 سال ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو

عدالت شمس الدين، رياض، سجاد، شاهد، رضوان، آصف پنهور، کي 1-1 سال قيد ۽  10-10 هزار رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو

ٻي ڌر جي 7 جوابدارن نادر علي، علي احمد، مظهر، اظهر، منظور، امير غلام حسين پنهور کي 1-1 سال قيد ۽ 10-10 هزار رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو

جوابدارن ۾ پاڻي جي نيڪال تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن جو ھڪ سال اڳ ڦلجي اسٽيشن تي داخل ڪيو ويو هو

ٻنهي ڌرين جي 16 ڄڻن کي سزا ٻڌائڻ بعد هٿڪڙيون هڻي جڊيشل لاڪپ مان ڊسٽرڪٽ جيل دادو موڪليو ويو