ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ جھيڙي دوران شهري جو ڪن ڪٽڻ جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊومحمدخان ايڊيشنل اينڊ سيش ڪورٽ ون ميڊم زاهده سڪندر فريادي محمد اسد ڪمبوه شبير احمد ڪمبوه جي ڪيس ۾ 2 جوابدارن تنوير خاصخيلي کي 10 سال ۽ دلبر خاصخيلي کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي . جوابدارن مٿان ارشد ڪمبوه ۽ عارف ڪمبوه جي ڀاءُ جو ڪن ڪٽڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو جنهن ۾ عدالت سڳوري مٿن اهڙو ڏوه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌاڻ جو حڪم ڏنو آهي