جهوڪ شريف (ن پ ا) شاهمراد شگر ملز ۽ ڊسٽرلي پلانٽ مان جبري طور برطرف ڪيل ملازمن جي بحالي لاءِ اسٽاف ورڪرز يونين جي اڳواڻن اشرف اوٺو، الهجڙيو جتوئي ۽ ٻين جي درخواست تي ليبر ڪورٽ حيدرآباد پاران مهيني اندر مل ۾ ريفريڊم ڪرائي رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي حڪم بعد ليبر ڊائريڪٽر حيدرآباد عزيز ابراهيم هنڱورجو  شاهمراد شگر مل ۾ پهچي وزٽ ڪيو، ان موقعي تي شاهمراد شگر مل انتظاميا پاران مقامي صحافين کي مل اندر اچڻ کان روڪيو ويو، جنهن بعد   ليبر ڊائريڪٽر ٻاهر اچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ليبر ڪورٽ جي حڪم تي هتي پهتو آهيان، مل اندر مل انتظاميا، ورڪرن ۽ يونين اڳواڻن جا بيان ورتا آهن، جيڪي ڪورٽ ۽ رجسٽرار پٽ پيش ڪيا ويندا پوءِ ڪورٽ جيڪو فيصلو ڪندي.