جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جھول ۾ پراڻي دشمني تان موٽرسائيڪل سوار ٻن مردن ۽ عورت جو وچ شهر ۾ حملو، فائرنگ ۾ حاضري تان واپس ويندر پيرسن قتل، ماڻهن ۾ ڀاڄ، ٽنهي ڄڻن جي گرفتاري جا اطلاع، پوليس تصديق نه ڪئي، خبر موجب شھر جي بس اسٽاپ تي وٽرسائيڪل سوار ٻن مردن ۽ هڪ عورت حملو ڪري گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل پيرسن داد محمد رند تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، فائرنگ سبب موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي پيرسن کي موبائل ۾ وجهي اسپتال کڻي وڃي رهي هئي ته پيرسن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، پيرسن جو لاش سانگهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب پيرسن کي سيني ۾ ٻه گوليون لڳل هيون، جهول پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيرسن داد محمد سانگهڙ جي عدالت ۾ حاضري تي آيل هو، جتان واپس موٽي رهيو هو ته مٿس حملو ڪري قتل ڪيو ويو، معاملو پراڻي دشمني تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس پيرسن جي قتل ۾ ملوث ٻن مردن ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس ان جي تصديق نه پئي ڪري، گرفتار ڪيل عورت بابت چيو پيو وڃي ته هوءُ پيرسن جي قتل ٿيل ناٺي جي ماءُ آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ساڍا ٽي مهينا اڳ مقتول پيرسن داد محمد رند جو ناٺي اربيلو جکراڻي رڪن ٻرڙا ڀرسان قتل ٿيو هو، جنهن جو قتل ڪيس مقتول داد محمد ۽ سندس ڌيءُ گل بيبي تي داخل ڪيو ويو هو، هڪ مهينو اڳ ٻنهي جي ضمانت ٿي وئي هئي، جنهن بعد هو جيل مان آزاد ٿي ٻاهر آيا هئا، ڪالهه قتل ڪيس ۾ پيرسن حاضري بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته بس اسٽاپ تي کيس هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب حملي آور تنگواڻي مان آيا هئا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،