جھول (ن پ ا) جھول ۾ ٽريفڪ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف چنگچي رڪشائن تي فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪندڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فدا شر، نور حسن خاصخيلي، عمران شر، محمد علي شر ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ٽريفڪ اهلڪار ڀتو گهري رهيا آهن، هنن چيو ته ڀتو نه ڏيڻ تان شهر اندر سبزي ۽ فروٽ  وڪڻندڙ رڪشائن جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جهن سبب بي روزگار ٿي ويا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.