جھول (ن پ ا) جھول ويجھو ڪرڪلي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي ڪرڻ وارين شڪايتن تي پروگرام ضلعي سانگهڙ جو انچارج جعفر پنھور ٻن اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن دين محمد جوڻيجو ۽ غلام رضا لسڪاڻي سان گڏ پهچي ڊوائيس ھولڊرن کان پڇاڻو ڪيو ته ڊوائيس ھولڊر مٿن مڇرجي پيا ۽ سندن چرچ تي 7 کان مٿي جوابدارن  حملو ڪري آفيسرن کي سخت مارڪٽ ڪري موبائل فون ڦري ورتا، آفيسرن جي اطلاع تي ڊي ايس پي ڄام نواز علي 6 پوليس موبائيلن ۾ پهچي يرغمال بڻايل آفيسرن کي بازياب ڪرائي 3 ڄڻن امتياز ٻگھيو، امير علي ٻگهيو ۽ دلشاد کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي، آفيسرن ٻڌايو ته ڪٽوتي وارين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي ته ڊوائيس هولڊرن يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪئي، هوڏانهن الزام ھيٺ آيل ڊوائيس ھولڊرن عبدالستار ٻگھيو ۽ فيض محمد چاڪي چيو ته آفيسرن ڳري رشوت گھري، انڪار ڪرڻ تي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.