جھول (ن پ ا) جھول پوليس هڪ جاءِ تي ڇاپو  هڻي مبينا اغوا ٿيل ناري صاحب زادي کي بازياب ڪرائي جوابدار اسلم ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ٻنهي کي سول جج سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري بيان ڏيندي چيو ته کيس جوابدار اسلم ماڇي ۽ ٻن ساٿين اغوا ڪري هڪ جڳھه ۾ قيد ڪيو ۽ شادي لاءِ زور ڀريندا رهيا، اهڙي بيان بعد عدالت ناري کي سندس والد حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار اسلم ماڇي کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ اڳ به هڪ جوابدار اصغر ماڇي گرفتار ٿيل آهي.