جھول (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي جھول جي 6  مان  5 وارڊن تي پاڪستان پيپلز  پارٽي جا اميدوار ڪامياب، ايندڙ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پ پ پ جا ھوندا، ان ڏس ۾  6 وارڊن تي مشتمل  ٽائون ڪاميٽي جھول جي وارڊ  نمبر ھڪ تي پ پ جو انجنيئر خان محمد خاصخيلي 571 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي جو رحيم بخش خاصخيلي 32 ووٽ ۽ ن ليگ جي شڪيل خاصخيلي 17ووٽ کنيا، وارڊ نمبر 2 تي پ پ پ جو پريتم ميگهواڙ 1010ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي جي جو ڏيون ڪمار مينگهواڙ 370 ووٽ کنيا، عوامي ورڪرز پارٽي جي غلام حيدر خاصخيلي 18 ۽ مسلم ليگ ن جي 5ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ نمبر 3 تان جي ڊي اي جو اميدوار ڪريم بخش چنڙ 397 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ   4 تان پ پ جو اميدوار راڻا راشد علي راجپوت ڪامياب ٿيو،  وارڊ  ن 5 تان پ پ جو اميدوار محمد اشرف کرل 375ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 6 تي پ پ جي اسد شر 717 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مقابلي ۾  جي ڊي اي جي رحيم بخش خاصخيلي 316 ووٽ، مسلم ليگ ن  جي شاھد خاصخيلي 149 ووٽ ۽ آزاد اميدوار احسان شر 110 ووٽ کنيا.