جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جھول ويجھو ڀيل برادري جي گھرن کي چلهه جي چڻنگ مان باهه، 25 کان مٿي گھر سامان سميت سڙي رک، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جون دانهون، خبر موجب ٽنڊو آدم روڊ تي درگاهه سيد نور شاهه وٽ ڳوٺ محمد علي رند ۾ ويٺل ڀيل برادري جي گھرن کي چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 کان وڌيڪ پورھيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ آچر، تاريو، بادل، راھول، ارجڻ، ڊولو، پريتم، ساجن، ڦوٽو، ڏاڙھون، گوندل، راڻو، لوڻيو، آگم، چيتن، سوريو، ليمون، پنھون، ڦيٿوجي، گلاب، پيرون، ھريش، راڻو، رميش، تاريو ڀيل ۽ ٻيا شامل آهن، باهه دوران ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جيڪي رڳو سر بچائي ٻاهر نڪري سگهيا، متاثرن موجب باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سوين مڻ ڪڻڪ، روڪ رقم، سون چاندي جا زيور، 4 نياڻين جو ڏاج، کٽون، بسترا، ڪپڙا رک ٿي ويا جڏهن ته 10 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ جي گاڏي سمورا گهر سڙي وڃڻ بعد پهتي، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.