جھول ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

0
116

جھول (رپورٽر) جھول ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، ڳوٺ گهنڊڻ واسي شاهد راجپوت جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، وارثن موجب شاهد راجپوت گذريل ڏينهن گهران نڪتو هو، اڄ ڳوٺ ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو.

ڇاڇرو: نينگر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

 ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ پير جو تڙ ڀرسان نينگر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، پوليس موجب، وارثن بيان ڏنو آهي ته 16ورهين جي سترام پٽ اچلو ڀيل آپگهات ڪيو آهي، نينگر جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.