جھنڊو مري (ن پ ا) تعلقي جهنڊومري جي جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي اميدوارن احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڊي او ايجوڪيشن ٽنڊوالهيار اصل لسٽ لڪائي ڪوڙي لسٽ ظاهر ڪئي.  هنن چيو ته تعلقي جهنڊومري ۾ 124 سيٽن مان هن صرف 86 سيٽون ظاهر ڪيون ۔ هنن چيو ته دراصل ڊي او ايجوڪيشن ٽنڊوالهيار سيٽون انهي ڪري لڪائي رهيو آهي ته جيئن هو پنهنجا من پسند ۽ سفارشي ماڻهو ڀرتي ڪري سگهي ۔ احتجاج ڪندڙ وقار مستوئي,اعجاز مستوئي,شاهد حسين لنڊ ۽ ٻين اميدوارن الزام هڻندي چيو آهي ته ڊي او ايجوڪيشن ٽنڊوالهيار صحيع انگ اکر ظاهر نٿو ڪري. انصاف لاء ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين . انصاف نه مليو ته ڪنهن به اميدوار پنهنجي پاڻ کي باه ڏئي نقصان پهچايو ته ان جا ذميوار ڊي او,ايم اين اي ۽ ايم پي اي هوندا .