جھنڊو مري(ن پ ا) جھنڊو مري ۾ 5 خونن بعد وڌيڪ رتو ڇاڻ جي امڪان سبب مقرر پوليس اهلڪار ڊيوٽي دوران ڇڪو کيڏندا رهيا. ان ڏس ۾ جهنڊومري جي عمرساند تي جي حد واري ڳوٺ گولو ميرجت ۽ ميرجت برادري جا 5 قتل ٿيل آھن، علائقي ۾خوف حراس جي لهر ڇاهين آهي، پر ايس ايچ او ون عمرساند لطف ميمڻ پنهنجي پوليس اهلڪارن سان گڏ ڇڪو راند کيڏي رهيو هو ته سندن ويڊيو واريل ٿي وئي، جنهن کان پوءِ پنهنجي اخبار ايس ايچ او سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته اسان جي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ڊيوٽي لڳائي، اسان جا پوليس اهلڪار واندا ويٺا هئا.