ٺٽو ( رپورٽر ) جھمپير ويجھو ڪوهستاني کيٽن توڙي چوپائي مال جي گاهن کي اڻڄاتل ماڻهن پاران باهيون ڏئي ساڙڻ جو سلسلو ناهي رڪجي سگھيو اهڙو اظهار ڪوهستان جي مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن سائينون جاکرو، اسماعيل جاکرو، پيرو جاکرو، گل جاکرو، فقير محمد جاکرو، سومار جاکرو، انور جاکرو ۽ شھزاد جاکرو ۽ ٻين صحافين آڏو ڪندي چيو آهي ته هنن جي کيٽن ۾ پوکيل قيمتي فصلن گوار، مُڱ ۽ جُوار کي اڻڄاتل ماڻهن پاران باهيون ڏئي ساڙيو پيو وڃي هنن چيو ته گذريل رات اڻڄاتل ماڻهن سندن کيٽن ۾ پوکيل قيمتي فصلن توڙي چوپائي مال جي سڪل گاھ کي پڻ باھ ڏني پر ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باھ تي ضابطو آڻي کيٽن ۾ پوکيل فصلن ۽ ڳوٺن کي باھ کان بچائي ورتو آهي پر ان هوندي به پيرو جاکرو جو ھڪ کيٽ تيار فصل سوڌو باھ جي ور چڙھي ويو، جنھن ۾ لکين روپين جي تيار بيٺل گوار سڙي رک ٿي ويئي آھي، جنھن ڪري زميندار کي وڏو نقصان پھتو آھي هنن وس وارن کان ٿيل نقصان جي ازالي سان گڏ باھ ڏيندڙن خلاف سخت ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.