ڪوٽڙي (رپورٽر) جھمپير جي ونڊ پاور ڪمپني مان مبينا کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪن طارق سومرو جي آزادي لاءِ ايس يو پي پاران ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ کان پريس ڪلب تائين حتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاج ڪندڙن طارق سومري جي آزادي لاءِ زوردار نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ايس يو پي سميت مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن عبدالفتاح چنا، فياض سومرو، عاشق ٻگھيو، جي ايم خاصخيلي، امجد مستوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ سياست ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو آهي، هر روز بيگناھ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، ظلم ۽ ڏاڍ جي جاري ان سلسلي ۾ جھمپير مان طارق سومرو کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آھي، طارق سومرو ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻ فياض سومري جو ڀاء آهي ۽ هڪ پر امن سياسي ڪارڪن آهي، کيس جهمپير مان قانون نافظ ڪندڙادارا سرعام اکين تي پٽيون ٻڌي کنڀي کڻي ويا آهن، ھنن چيو ته جيڪڏھن طارق سومري مٿان ڪو ڪيس داخل ٿيل آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا ان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.