ٺٽو ( رپورٽر ) يوسي جھمپير جي ڪوھستاني قديمي ڳوٺ وڏيرو وڪيو جاکرو جي مقامي رھواسين انور ڪوھستاني، غلام حسين جاکرو، عظيم، واحد، ابراھيم، اسماعيل جاکرو ۽ بين مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ سندن قديمي ڳوٺ يوسي جھمپير ھوندي بہ ھن واري بلدياتي اليڪشن ۾ غلط تڪبنديون ڪري سندن ڳوٺ کي يوسي ڄنگھڙي جي وارڊ نمبر 4 ۾ شامل ڪري سندن ووٽ وارڊ نمبر 3 ۾ شامل ڪيا ويا آھن، جيڪا ساڻن وڏي زيادتي آھي، ھنن چيو ته جيڪڏھن سندن ڳوٺ جو ڪو اميدوار اليڪشن ۾ بيٺو ته سندن ووٽ ان جي ڪم به اچي نه سگھندا، ھنن گھر ڪئي ته سندن ڳوٺ کي يوسي ڄنگھڙي بجاء يوسي جھمپير ۾ رکي ڪيل تڪبندين کي ختم ڪري پولينگ اسٽيشن سندن ڳوٺ ۾ قائم ڪري سندن ڳوٺن جي رھجي ويل ماڻھن جا ووٽ داخل ڪري قومي شناختي ڪارڊ کان محروم ماڻھن جا نوان قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاء نادرا جون ٽيمون اماڻيون وڃن.