ٺٽو ( رپورٽر ) جھمپير جي واپارين پوليس جي مبينا ڏاڍاين کان تنگ اچي سراپا احتجاج بڻجي مڪمل طور تي ڪاروبار بند ڪري جھمپير نوري آباد باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف ڇتي نعري بازي ڪري ٿاڻي جي صوبيدار جي بدلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. واپاري اڳواڻن ڍالو مل، احمد خان ٻارڇ ۽ ٻين جھمپير ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي الزام ھڻندي چيو ته صوبيدار منشيات خاص ڪري گٽڪو، مائو، سفينہ ۽ ٻين مين پڙين جي ڊيلرن خلاف ڪاروائي نٿو ڪري پر ھو ننڍن دوڪاندارن کي سفينہ، گٽڪي مائي، سفينہ جي وڪري جو مٿن الزام ھڻڻ سان گڏ مٿان آئي جي پوليس جي آيل لسٽ جو جواز ڄاڻائي کانئن زبردستي رشوت طلب ڪري رھيو آھي ھنن چيو ته ھو ننڍا دوڪاندار آھن جيڪي کاڌي پيتي جو راشن وڪرو ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ ڪري رھيا آھن پر جھمپير پوليس مٿن مائي، گٽڪي ۽ سفينا جي وڪري جا بلا جواز ڪوڙا الزام ھڻي سندن تڏو تپائي ڇڏيو آھي جڏھن تہ وڏا ڊيلر سر عام منشيات گٽڪو، مائو ۽ سفينا جي  سپلاءِ ڪري رھيا آھن انھن خلاف ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي. ھنن چتاءَ ڏيندي چيو آھي تہ جھمپير ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي فوري بدلي ڪري ان جي جاءِ تي ٻيو ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي.