ٺٽو ( رپورٽر ) جھرڪ ويجھو ڪوئلي جي کاڻ تان ڪوئلو کڻندڙ ٽرڪ ڊرائيور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي  تي فوت ٿي ويو، وارث ضروري ڪاروائي بعد فوتي جي مڙھ پاڪ پتن کڻائي ويا. جھرڪ ويجھو ميٽينگ ريلوي اسٽيشن لڳ ڊيسينٽ ڪول مائنز تي 27 ورھين جو پاڪ پتن واسي ٽرڪ ڊرائيور جمشيد بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو، جھرڪ پوليس فوتي جي لاش کي ضروري ڪاروائي لاءِ جھرڪ اسپتال منتقل ڪيو ، اسپتال ۽ پوليس جي ضروري ڪاروائي بعد فوتي ڊرائيور جي مڙھ کي ان جا وارث پاڪ پتن کڻائي ويا.