جڙتو مقابلو: پوليس آفيسرز کي چالان ڪرڻ جو حڪم

0
482

شهدادپور جي عدالت سانگهڙ ۾  جڙتو مقابلي دوران فل فراءِ ٿيل نوجوان مورت بوزدار بابت ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي

عدالت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي 2ايس ايڇ اوز سميت 5جوابدارن کي چالان ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ايس ايڇ اسلم بُلو بااثر جي چوڻ تي مورت بوزدار کي کنڀي 10 ڏينهن بعد سانگهڙ پوليس حوالي ڪيو

وڪيل چيو ته ايس ايڇ او سانگهڙ مقصود رضا مڱڻهار ۽ اهلڪارن پٽ کي جڙتو مقابلي ۾ فل فراءِ ڪري ڇڏيو

عدالت الله بچايوٿيٻو،ايس ايڇ او مقصودرضامڱڻهار،ايس ايڇ اواسلم بُلو ۽ 2اهلڪارن کي چالان ڪرڻ جو حڪم ڏنو

عدالت سانگهڙ جي اڳوڻي ايس ايس پي فرخ لنجار خلاف شاهديون نه ملڻ تي کيس بيڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

قمبر ويجھو زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا