جڏهن ملڪ جي ساک جي ڪاڪ ڊهندي رهي …..

0
186
جڏهن ملڪ جي ساک جي ڪاڪ ڊهندي رهي .....

خبرون آهن ته 9 مئي وارن وڳوڙن کان پوءِ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، فوٽيجز جي مدد سان سڃاڻپ ڪري وڳوڙن ۾ ملوث قرار ڏنل ماڻهن جون گرفتاريون ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. انهن جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جنهن سبب وڏو ٻڙڌڪ متل آهي. وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري ٻين پاسن منتقل ٿي ويا آهن. عام شڪايتون اهي رپورٽ ٿي رهيون آهن ته پوليس “فائول پِلي” جو مظاهرو ڪندي قانون کي گهربل ماڻهن جي هٿ نه اچڻ تي انهن جي گهر وارن، وارثن، سندن پاڙيسرين ۽ دوستن کي ڊيڄاري ۽ هيسائي رهي آهي. اهي پڻ خبرون آهن ته 9 مئي جي وڳوڙن جي رپورٽنگ ڪندڙ ڪجهه صحافين/رپورٽرن کي پڻ فوٽيجز ۾ نظر اچڻ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. وڳوڙين کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي، انهن کي ضرور سزا ملڻ گهرجي، جن  وڳوڙن ۾ حصو ورتو، ڀڃ داهه جي رٿابندي ڪئي، ملڪ کي بدنام ڪيو، پر “سُڪن سان گڏ ساوا سڙي وڃڻ” واري چوڻيءَ کي جواز طور پيش ڪرڻ ۽ قانون کي گهربل ماڻهن بدران انهن جي گهر ڀاتين کي گرفتار ڪرڻ، هراسان ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي ڪنهن به تشريح ۽ تاويل سان اجازت نه هجڻ گهرجي.

9 مئي تي وڳوڙين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيئي نه صرف انفراسٽرڪچر، پر ملڪ جي وقار کي به تمام وڏو نقصان پهچايو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي آهي. جهڙي نموني بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي وڳوڙ ڪيا ويا، دنيا اهو تماشو انتهائي حيرت سان ڏسندي رهي. دنيا قانون لاڳو ڪندڙن جي “عفو ۽ درگذر” واري جذبي جي به معترف رهي، جيڪي ملڪ جي ساک جي ڪاڪ ڊهندي ڏسي به خاموش رهيا. ڪارڪنن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت ته ڄڻ انهن کان لاتعلق ٿي ويئي آهي. ليڊر پنهنجون ضمانتن مٿان ضمانتون پيا ڪرائين، پر ٽشو پيپر وانگر استعمال ٿيل ڪارڪن قانون کان لڪندا وتن. نه صرف ڪارڪن، پر انهن جا گهر ڀاتي به آزار ۾ آهن. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي ته هيستائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، پر تنظيم جي باقي ليڊرشپ يا ته گرفتار آهي، يا وري روپوش، يا پارٽي ڇڏي توبهن تائب ٿي رهي آهي. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪا تنظيم ڀلي ڪيتري به سگهاري هجي، ان جي ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيتري به مقبوليت هجي، پر اها رياست کان سگهاري نٿي ٿي سگهي. هاڻي جڏهن رياست پنهنجي سگهه ڏيکارڻ شروع ڪئي آهي ته دانهون شروع ٿي ويون آهن. ها البته اها ڳالهه مشاهدي ۾ ضرور آئي آهي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جيڪا وٺ پڪڙ شروع ڪئي آهي، ان ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي رهيا آهن. ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ آهي. پوليس طرفان، قانون کي گهربل ماڻهن جي گهر ڀاتين کي هراسان ڪرڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن، ۽ گهڻا ماڻهو ته هراس ۾ حواس وڃائي گهرن کي تالا هڻي غائب ٿي ويا آهن. پروفيشنل ذميواريون ادا ڪندڙ ڪجهه صحافين جي گهرن تي پڻ ڇاپا هنيا ويا آهن. سوال اهو آهي ته جن ماڻهن جو وڳوڙن سان واسطو ڪونهي، انهن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي؟

جڏهن به ڪو اهڙو موقعو ايندو آهي، ڪو ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو آهي ته پوليس جي ڪمائيءَ جي موسم شروع ٿي ويندي آهي. هن ڀيري به ائين ئي نظر پيو اچي، خاص ڪري پنجاب ۾. ان ڪري پوليس کي پابند ڪيو وڃي ته انساني حقن جي پاسداري ڪئي وڃي. جيڪي ماڻهو قانون کي گهربل آهن، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي، باقي انهن جي گهر ڀاتين، پاڙيسرين ۽ دوستن کي هراسان نه ڪيو وڃي. ضلعي سطح تي پوليس جي ڪارروائين کي مانيٽر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.