جڏهن قوتن ھٿ ھٽايو ته مڪاني چونڊن ۾ نتيجو سڀني ڏٺو: مولانا فضل الرحمان

0
250
ڌمڪيون نه ڏيو، اسان

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پشاور ۾ ايم اين اي، ايم پي اي، بيوروڪريسي سندن هئي پر جيڪڏهن قوتن ھٿ ھٽايو ته مڪاني چونڊن جو نتيجو سڀني ڏٺو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جتي اسلام جو ذڪر ٿئي ٿو ان کي انتها پسند چيو وڃي ٿو، اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون، اوھان ٺيڪ ٿي وڃو،  اسان ٺيڪ ٺاڪ ٿي وينداسين

هن چيو ته چوندا هئاسين ته سڀ حڪومتون ڌانڌلي جي پيداوار آهن، پشاور ۾ ايم اين اي، ايم پي اي ۽ بيوروڪريسي سندن هئي پر جڏهن ٿورو هٿ ھٽايو ويو تھ تھ حشر نشر سڀني جي سامھون آھي

هن چيو ته پاڪستان کي امن ۽ خوشحال معيشت جي ضرورت آهي، امن جو مطلب انساني حقن جو تحفظ آھي

ياد رهي ته 19 ڊسمبر تي خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام ف پنهنجي مخالفن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي

چئن شهرن مان ٽن ميئر جون سيٽون کٽيون، جن ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي راڄڌاني پشاور به شامل آهي