نئين دهلي (م ڊ) جميعت علماءِ هند ڀارتي فلم ”دي ڪيرالا اسٽوري“ کي مسلمانن خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب تڪراري فلم ”دي ڪيرالا اسٽوري“ هڪ ڀيرو وري هندو مسلمان وڳوڙن کي هٿي ڏئي ڇڏي آهي. موجوده صورتحال تي جميعت علماءِ هند جي صدر مولانا سيد ارشد مدني تڪراري فلم کي ڄاڻي واڻي سڄي مسلمان امت کي داغدار ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. مولانا سيد ارشد مدني چيو ته ان معاملي تي جلد سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين يقين آهي ته عدالت ان جو نوٽيس وٺندي. واضح رهي ته دي ڪيرالا اسٽوري جي نالي سان اسلام ۽ داعش ۾ شموليت بابت هڪ تڪراري فلم بڻائي وئي آهي. ان فلم ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪيرالا رياست مان 32 هزار نوجوانن ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين غائب ٿي داعش ۾ شموليت ڪئي جيڪي هندستان کانسواءِ شام، لبيا ۽ ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن.فلم جي جاري ڪيل ٽريلر مان واضح طور تي خبر پوي ٿي ته فلم کي خاص سازش تحت ٺاهي مسلمانن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته مقامي عالم ئي عورتن کي اسلام طرف راغب ڪري مسلمان ڪري رهيا آهن.