سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ضلعي سکر پاران 29 آگسٽ تي ڪراچيءَ ۾ پي ڊي ايم جي رٿيل جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙو فصلو جي يو آءِ ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ مولانا سراج احمد جوڻيجو، حافظ غلام محمد ڪنڌر، محمد شعبان شيخ، مولانا عارف الحسيني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مولانا محمد صالح انڍڙ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم ۽ سندس نااهل ڪابينا جي غلط پاليسين سبب ملڪ هن وقت بحرانن جو شڪار ٿي چڪو آهي.