جيڪب آباد (رپورٽر) جميعت علماءِ اسلام پاران 26 مارچ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوسي ڪريم آباد تي ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ اميدوارن جي داخل پٽيشن تي عدالت فيصلو ڏنو ھو ته يوسي ڪريم آباد ۾ جي سڀني سيٽن تي ٻيھر چونڊون ڪرايون وينديون پر اليڪشن عملي ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان اليڪشن ڪميشن ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف صرف ٻن وارڊن تي ري پول ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي فيصلي جي خلاف ورزي آھي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف ڪورٽ سان جلد رجوع ڪيو ويندو.