جي تو بيت ڀانئيان سي آيتون آهين

0
250
بيان بازي جي سياست ۽ پيڙجندڙ عوام

  سنڌ اندر انتهاپسندي جو جيڪڏهن تصور ڪجي ته هر دور ۾ سنڌ انتهاپسندي جي ور چڙهيل رهي آهي ۽ مختلف وقتن تي شرپسند ۽ رجعت پسند  ٽولا سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪندا رهيا آهن جڏهن به عالم انسانيت جي ڳالهه هلي ٿي تڏهن اهڙا رجعت پسند ٻرن مان نڪري سڌو وار ڪندا آهن.  3ڏينهن اڳ ڪراچي يونيورسٽي ۾ لطيف جي بيتن کي ڊاٿو ويو آهي ۽ جڏهن شاگرد سٿ پاران احتجاج ڪيو ويو ته وري شرپسندن، شاگردن تي تشدد ڪيو.

                 شرپسندن ۽ رجعت پسند ٽولن کي خبر ناهي ته لطيف دنيا جو عظيم شاعر هجڻ سان گڏوگڏ عالم انسانيت جو پيغام ڏيندڙ شاعر  آهي. لطيف جو فڪر توڙي فلسفو اداس دلين تي مرهم رکندڙ آهي. لطيف وٽ سونهن جو تصور اهو ناهي جيڪو دنيا جي اڪثر شاعرن وٽ هوندو آهي،

                 لطيف وٽ ته بدصورتي به سونهن ۾ شامل آهي جيڪڏهن  وليم ورڊس ورٿ وٽ گل جي خوشبو ۽ انهي جا رنگ سونهن ۾ شامل آهن ته وري لطيف وٽ ڪنڊا به سونهن ۾ شامل آهن. لطيف وٽ محبوب جي تحريف سان گڏ ماروئڙن جي محبت جو به فڪر آهي، لطيف پورهيت جي پگهر مان به خوشبو محسوس ڪري ٿو ۽  انهي خوشبو کي پنهنجي سيني ۾ سمائي خوبصورت ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

شرپسندن کي اها به خبر ناهي ته لطيف جا بيت آيتون آهن جنهن پاڻ چيو آهي ته

جي تو بيت ڀانئيان سي آيتون آهن

اصل ۾ لطيف جي بيتن کي ڊاهڻ  انهن شرپسندن جي بزدلي آهي هوءَ لطيف جي شاعري ۽ سنڌي ماڻهو کان ايڏو ته ڊنل آهن جو ديوارن تي لکيل سنڌي ٻولي به هنن کي ڊيڄاري ٿي.

سنڌ هر دور ۾ ستم ظرفي جو شڪار رهي آهي، هر دور ۾ اسان جي  سهپ ۽ رواداري جو امتحان ورتو ويندو آهي.

مڃون ٿا ته اسان صوفي ازم تصوف ۽ محبت جي پرچار ڪندڙ  ماڻهو آهيون پر جڏهن به رجعت پسند ٽولن اسان جي ٻولي ثقافت ۽ تهذيب  تي وار ڪيو آهي، تڏهن اسان منهن ٽوڙ جواب ڏنا آهن ۽ اسان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪئي آهي

لطيف اسان جو رهبر آهي ۽ انهي جي شاعري  اسان لاءِ حوصلو جذبو ۽ جنون آهي.

اسان لاءِ لطيف انهي ڪري عظيم آهي جو لطيف پنهنجي شاعري جي فڪر ۾ هڪ باڪردار وطن دوست ۽ انسان دوست هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.  لطيف جي شاعري سنڌ جي انقلابي ۽ صوفي فڪر جو حسين امتزاج ۽ بي مثال قومي  طبقاتي ۽ عملي پيغام آهي.

لطيف شاعرن جو سرتاج آهي هو درد جو درمان آهي ان جتي سسئي  جي سورن جو ذڪر ڪيو ته اتي وري مارئي جي حب الوطني کي خوب ڳايو آهي. لطيف جي شاعري رڳو سنڌ جي ئي نه پر دنيا جي عظيم شاعرن جو ورثو آهي. لطيف جي فڪر ۽ خيال جي ڪا به سرحد ناهي هو جاگرافيائي حدن کان به آزاد شاعر آهي جنهن عالم انسانيت جي لاءِ  دعا ڪئي آهي ته

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

اڪثر اسان وٽ اهو ٿيندو رهيو آهي ته اسان بنا مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيندا رهيا آهيون. اسان پاڻ پنهنجا ويري آهيون اسان فڪري لاڙي کي سمجهي ناهيون سگهيا. اهي شرپسند به اسان جي سنڌ اندر رهندڙ هڪ  وڏي تنظيم جا ڪارڪن آهن پر انهن وٽ فڪري لاڙو ناهي هو صرف مذهب کي بنياد بڻائي خونريزي ڪرڻ چاهين ٿا. هو عقلمند ناهن عقلمند ماڻهو مختلف شين جي تحقيق ڪندا آهن پر هي وري  مذهب جي بنياد تي دنيا کي ڏسن ٿا. انگريزي ليکڪ فرانسس بيڪن پنھنجي مضمون ‘of studies’ ۾ لکيو آهي ته

Crafty men condemn studies; simple men admire them; And wise men use .

يعني: چالاڪ ماڻهو مطالعي جي مذمت ڪن ٿا، سادا ماڻهو تعريف ڪن ٿا ۽ عقلمند ماڻهو انهن کي استعمال ڪندا آهن.

تنهن ڪري اهي شرپسند ماڻهو به وڏا چالاڪ آهن چالاڪ انهي ڪري جو هنن وٽ مذهب کان سواءِ ٻيو ڪو فلسفو ناهي.

اڄ هنن شرپسندن ڪراچي يونيورسٽي ۾ لطيف جي بيتن کي ڊاٿو آهي ۽  شاگردن تي تشدد ڪيو آهي. سڀاڻي اهو ماڻهو تاريخي ورثن کي به تباهه ڪري ڇڏيندا تنهن ڪري ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته پاڻ کي مڙي مٺ ٿيڻو پوندو ۽ اهڙن شرپسندن کي مات ڏيڻي پوندي.