ملڪ ۾ اليڪشن هڪ ئي وقت ڪرائڻ جون درخواستون:  سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي: چيف جسٽس

0
242
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اميد ٿا ڪيون ته حڪومت پنجاب ۾ چونڊن بابت پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندي، حڪومت پنهنجو فيصلو ڪرڻ بعد عدالت کي آگاهه ڪري، حڪومت ائين نه ٿي ڪري ته پوءِ ان جا سٺا نتيجا نه هوندا

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۾ اليڪشن بابت دفاع واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي منظوري وٺڻ بدران معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻيو ويو، عدالت کي چيو ويو هو ته سپليمينٽري گرانٽ کانپوءِ منظوري ورتي ويندي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته  ڇا اليڪشن لاءِ ئي ائين ٿيندو آهي يا عام حالتن ۾ به ائين ٿيندو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي حڪومت کي هدايت جاري ڪئي هئي

 جسٽس منيب اختر چيو ته اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ حڪومت جي اڪثريت آهي، حڪومت کي گرانٽ جاري ڪرڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟ وزيراعظم وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت هئڻ گهرجي، آئين حڪومت کي اختيار ڏئي ٿو ته اسيمبلي قرارداد ڪيئن ٿي منظور ڪري سگهي؟

اٽارني جنرل چيو ته گرانٽ جي بعد ۾ منظوري وٺڻ رسڪي هو، جسٽس منيب اختر چيو ته توهان جيڪا ڳالهه ڪيو پيا اها شڪي لڳي رهي آهي، اٽارني جنرل صاحب! سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، معاملو گهڻو سنجيده آهي، وزيراعظم وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت هجڻ لازمي آهي

چيف جسٽس چيو ته حڪومتي گرانٽ رد ٿيڻ جو خدشو اسيمبلي جي وجود جي خلاف آهي، هن وقت اهڙو ڪهڙو منفرد خطرو آهي جو اليڪشن نه پئي ٿي سگهي، ڪهڙي گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ دفاع واري وزارت به اندازو لڳايو آهي، اندازن تي حڪومتون نه ٿيون هلي سگهن

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اميد ته حڪومت آئيني عمل لاءِ فنڊز جي فراهمي تي مثبت جواب ڏيندي، اسان کي سڪيورٽي صورتحال بابت ٻڌايو ويو آهي، ماضي ۾ دهشتگردي جي لهر دوران ئي اليڪشنز ٿيون، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي سال به چونڊون ٿيون

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته آڪٽوبر تائين چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن به هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي 1992 کان هلي رهي آهي،  دهشتگردي ملڪ ۾ 1992 کان جاري آهي، 1987، 1991، 2002، 2008، 2013 ۽ 2018 ۾ اليڪشنز ٿيون، هاڻ اهڙو انوکو خطرو آهي جو اليڪشنز نٿيون ٿي سگهن؟

اٽارني جنرل چيو ته اڳ سڀ سڪيورٽي فورسز گڏجي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا هئا، هاڻي ٻن صوبن ۾ الڳ الڳ چونڊون ڪرايون وينديون

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بچاءَ واري وزارت به اندازو لڳايو آهي، پر حڪومت رڳو اندازن سان نٿي هلي سگهي

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تي شروع ٿي، اسان کي 27 مارچ کان الجهايو ويو ، بينچ ٽٽڻ، سياسي پارٽيز جو بينچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ، عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ عدالت کي الجهائڻ هو، اٽارني جنرل صاحب! ڊي جي ملٽري آپريشنز اسان کي توهان جي ذريعي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊفينس سيڪريٽري به موجود هئا، بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊفينس سيڪريٽري به موجود هئا،  بريفنگ مان خبر پئي ته اصل صورتحال ڇا آهي، جڏهن ڪيس هلي رهيو هو ته ڪو به اسان کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ نه آيو، هاڻ پوئتي نٿا هٽي سگهون

هي به پڙهندا

8آڪٽوبر کان اڳ چونڊون نٿيون ٿي سگهن: اليڪشن ڪميشن