جيڪڏهن انصاف نه مليو ته فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين: راجا رياض

0
252

لاهور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا رياض جهانگير ترين مامري تي حڪومت کي آخري وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين، لاهور ۾ جهانگير ترين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته هن ڳالهه کي اڳتي نه وڌايو وڃي، وڏي تحمل سان تحريڪ انصاف جي جهنڊي جي هيٺان بيٺا آهيون، اڄ آخري ڀيرو رياست مدينا ۾ چئي رهيا آهيون ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.