جيڪو مداح گندا ڪمنٽ ڪندو ان کي بلاڪ ڪنديس: عائشه عمر

0
306

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره عائشه عمر سوشل ميڊيا صارفين کي سندس تصوير تي اعتراض جوڳا ڪمنٽ ڪرڻ تي وارننگ ڏني آهي. هن انسٽاگرام تي آرٽسٽ نوين شڪيل سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن نوين جي ڀت تي ڪيل چترڪاري کي ساراهيو. عائشه ان ئي تصوير تي تنقيد ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي اڪائونٽ تي ڪنهن لباس، جسم ۽ چمڙي جي رنگ جي باري ۾ نفرت وارا تبصرا ڪيا ته فوري طور تي انهن کي بلاڪ ڪري ڇڏينديس ۽ انهن کي رپورٽ ڪنديس. هن چيو ته چونڊ توهان جي آهي جيتوڻيڪ جائز تنقيد جي هميشه ساراه ڪئي ويندي.