ممبئي(شوبز نيوز) ڪروڙن جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪيش چندرا شيکر بيان ڏنو آهي ته ڀارتي اداڪارا جيڪولين فرنينڊس جو ان ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي. ڀارتي ميڊيا موجب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي جوابدار سڪيشن جو چوڻ آهي ته جيڪولين کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي مان هن جي تحفظ لاءِ موجود آهيان. سڪيش چندرا شيکر چيو ته بالي ووڊ اداڪارا نورا فتيحي مونکي جيڪولين فرنينڊس خلاف مڇرايو هو. جوابدار چيو ته جيڪولين ۽ مان هڪ سنجيده لاڳاپن ۾ هئاسين ۽ مان نورا فتيحي کي نظرانداز ڪرڻ شروع ڪيو، پوءِ نورا مونکي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته مان هن جي هڪ مائٽ کي ميوزڪ پروڊڪشن ڪمپني ٺاهي ڏيان. ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي سڪيش چندران شيکر ميڊيا رپورٽرن کي درخواست ڪئي هئي ته اهي هن جي طرفان جيڪولين کي ويلنٽائن جي مبارڪ ڏين. واضح رهي ته جيڪولين تي الزام آهي ته هوءَ 200 ڪروڙ جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ملوث آهي.