جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد پوليس نائين ۽ ڏهين محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ٻڌايو ويو ته 9 ۽ 10 محرم تي ضلعي ۾ 163 ماتمي جلوس برآمد ٿيندا، 7 ماتمي جلوس انتهائي حساس قرار ڏنا ويا آهن. انتهائي حساس قرار ڏنل ماتمي جلوس مان 5 جيڪب آباد شهر ۽ 2 ڳڙهي خيرو جا آهن ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ 2644 اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، 160 اضافي اهلڪار پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي کان گهرايا ويا آهن جڏهن ته رينجرز ۽ پاڪ فوج جا 400 جوان اسٽينڊ باءِ هوندا ضلعي جي سرحدي پٽي واري علائقن ۾ 33 اضافي پيڪٽون قائم ڪيون ويون آهن شهر جي طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين جي سخت تلاشي ورتي ويندي جڏهن ته ضلعي ۾ ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي جي نگراني لاءِ 11 هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون نصب ۽ 2 ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيا ويا آهن.