جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ آباد پوليس باءِ پاس تي وين کي روڪي تلاشي ورتي، جنهن دوران پوليس 36 ڪلو نشي آور گٽڪو هٿ ڪري اسپيشل برانچ سکر جي اي ايس آءِ شاهد پٺاڻ، هيڊ ڪانسٽيبل آفتاب جتوئي، سليم سنجراڻي ۽ زاهد سومرو کي منشيات اسمگلنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيل چئني ڄڻن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا ٻڌايو ته آباد پوليس بلوچستان کان ايندڙ وين کي روڪي تلاشي دوران 36 ڪلو گٽڪو هٿ ڪيو، پوليس اسپيشل برانچ جي ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.