لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان آءِ بي اي پبلڪ اسڪول جيڪب آباد ۾ ٿيل انٽر اسڪول ۽ انٽر ڪاليج گرلس هاڪي چئمپين شپ 2022 ۾ 6 ٽيمن حصو ورتو. فائنل ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جيڪب آباد جي ٽيم گورنمينٽ ڪي جي هائير سيڪنڊري اسڪول جيڪب آباد جي ٽيم کي 0-2 تان شڪست ڏئي چئمپين بڻجي وئي. جڏهن ته آءِ بي اي پبلڪ اسڪول جيڪب آباد جي ٽيم ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. فائنل ۾ مهمان خاص ڊي او جيڪب آباد خدابخش ۽ ٻين فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن وچ ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.