جيڪب آباد+دوداپور (رپورٽ: عبدالغني کوسو+غوث بخش ڪٽوهر) جيڪب آباد ۾ ڪٽوهر مندراڻي خوني تڪرار جو جرڳو، ٻنهي ڌرين جا 6 خون ثابت، مجموعي طور 1  ڪروڙ 20 لک ڏنڊ مقرر، 15 زخمين ۽ تڪراري زمين جي فتويٰ ٻڌائڻ لاءِ چڱن مڙسن تي ٻڌل 5 رڪني ڪاميٽي مقرر. دوداپور جي علائقي ۾ 3 سال اڳ زمين جي مالڪي تان شروع ٿيل ڪٽوهر-مندراڻي خوني تڪرار جو جرڳو جيڪب آباد جي ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ مير منظور پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿيو جنهن ۾ ڪٽوهر ڌر پاران اڪبر بليدي، عبدالنبي ٿهيم، جنيد راشدي مشير جڏهن ته مندراڻي ڌر پاران محمد صلاح شهلياڻي، فائق جمالي مشير طور نامزد ڪيا ويا. سرپئنچ شعبان ڪٽوهر ۽ پنهل مندراڻي جي ڌرين جون بند ڪمري ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد مشيرن سان صلاح مشوري بعد ٻاهر اچي فتويٰ پڙهي ٻڌايو، فتويٰ موجب ته مندراڻي ڌر مٿان انور ڪٽوهر، بابل ڪٽوهر، بشير احمد ڪٽوهر سميت 4 خون ثابت ٿيا جڏهن ته ڪٽوهر ڌر مٿان منظور احمد ۽ رستم مندراڻي جا خون ثابت ٿيا. مجموعي طور ٻنهي ڌرين جا 6 خون ثابت ٿيا. في خون جي بها 20 لک روپيا مقرر ڪئي وئي مندراڻي ڌر مٿان 4 خونن جو 80 لک ۽ ڪٽوهر ڌر مٿان 2 خونن جو 40 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. مجموعي طور ٻنهي ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي. تڪراري زمين جي مالڪي توڙي ٻنهي ڌرين جي 15 زخمين بابت هڪ 5 رڪني ڪاميٽي اڪبر بليدي، محمد صلاح شهلياڻي، عبدالنبي ٿهيم، فائق جمالي ۽ جنيد راشدي جي اڳواڻي ۾ جوڙي وئي، جيڪا واقعي واري جاءِ پهچي زخمين جي صورتحال ڏسڻ ۽ زمين جو معائنو ڪرڻ بعد فتويٰ ٻڌائيندي. جڏهن ته سرپئنچ جي فتويٰ کانپوءِ دعا گهري ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.