جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ فيصل مغيري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل سپرشاھين پنهنجي نانءُ ڪري ورتو. اسپيشل فورس گرائونڊ ۾ مرحوم فيصل خان مغيري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل سپرشاھين ۽ المرتضيٰ اليون ۾ کيڏيو ويو. سپرشاھين پهريان کيڏندي 8 اوورن ۾ 178 رنز جو هدف ڏنو، عامر شاهه 105 رنز جي اننگز کيڏي نمايان رھيو. جواب ۾ المرتضيٰ اليون 126 رنز تي ڍير ٿي وئي. شير محمد مغيري ونر ۽ رنر ٽيمن جي ڪپتانن کي ٽرافي ۽ روڪ رقم ڏني.