جيڪب آباد (رپورٽر) ڪامريڊ اجيت ڪمار سچو سياسي ڪارڪن، پورهيت فڪر سان لاڳاپيل، عوامي درد رکندڙ ۽ هميشه پورهيتن جي لاءِ ڪم ڪندڙ جاکوڙي ڪردار هو. اهڙو اظهار ڪميونسٽ پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ جي ايم مستوئي ڪامريڊ اجيت ڪمار جي لاڏاڻي تي ٿيل تعزيتي ريفرنس ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامريڊ اجيت ڪمار جهڙا ڪردار تمام گهٽ هوندا آهن، جيڪي شروع کان آخر تائين پنهنجي نظريي سان سچا رهيا ۽ سڄي ڄمار ان ئي فڪر سان نڀائيندي گذاري ويا. تعزيتي ريفرنس ۾ پروفيسر الطاف گوهر پيچوهو، سومرو شبير، عباس سارنگ، عاجز شهزاد، نديم بهراڻي، وڪيل راجيش ڪمار، غلام حسين ۽ ٻين به خطاب ڪيو.