جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ۾ ڌيءُ جي گهر گهمڻ لاءِ پهتل عورت پُراسرار نموني فوت، پُٽ قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، حق باهو پاڙي ۾ مسمات شمشات جو لاش هٿ، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پرڻيل ڌيءُ جي گهر ۾ گهمڻ لاءِ آئي هئي، سندس پُٽ شڪ ظاهر ڪيو آهي ته امڙ کي زهر ڏئي ماريو ويو، پوسٽ مارٽم بعد موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا.