جيڪب آباد (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ، مختيارڪار اسٽيٽ ابوبڪر سڌايو، ڊي ايف سي وسيم جمالي ۽ چيمبر آف ڪامرس جي صدراحمد علي بروھي سان گڏجي شھر جي مختلف بازارن ۾ دڪانن تي ڇاپا هڻي ريٽ لسٽ نه رکندڙ دڪاندارن روزي خان، محمد خان ۽ اِندر ڪمار مٿان ڏنڊ مڙهيو. ڊپٽي ڪمشنر محمد ٻڌايو ته سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو نه ٿيڻ جي شڪايتن تي دورو ڪري دڪاندارن تي ڏنڊ مڙهيو آهي. مهانگو سامان وڪڻندڙ دڪاندارن کي وارننگ ڏني آهي، ٻي صورت ۾ انھن جا دڪان سيل ڪيا ويندا.