جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ جيئل شاهه پاڙي جي رهواسين سلمان ڏوتيو، ڀينرن صاحبه ۽ فريده ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڏيڍ سال اڳ اشرف نندواڻي، مٺل  نندواڻي ۽ شهزادو کوسو وارن منهنجي والد وارث کي قتل ڪيو. صدر پوليس ڏيڍ سال دوران صرف هڪ جوابدار شهزادو کوسو کي گرفتار ڪري سگهي آهي، ٻيا آزادي سان گهمي رهيا آهن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ويتر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسين حد جي صدر ٿاڻي سميت ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس اسان جي هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.