جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد ۾ پراڻي دشمني تان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، وارثن جو باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. خبر موجب صدر ٿاڻي جي حد جوڙيا چوڪ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان اصغر علي جکراڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن نوجوان جو لاش باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مقتول جي پيءُ محمد ڇٽا جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ کي مشڪول خادم، چاڪر ۽ راحب بيگناهه قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، پوليس جو چوڻ ھو ته جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان نوجوان کي قتل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.