جيڪب آباد (رپورٽر) ڳوٺ عبدالعزيز جتوئي واسي برسات متاثر پيرسن غلام حيدر جتوئي علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. پيرسن ڪرنگهي جي هڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڪافي عرصي کان بيمار هو، ٻوڏ کان پوءِ رستا بند ٿيڻ سبب پيرسن روڊ تي پناهه وٺي بي يارو مددگار ويٺل هو، جنهن جو هڪ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيو ته پاڻي ۾گهر ٻڏي ويو ۽ گهر ۾ پيل سڄو سامان به لڙهي ويو، هاڻي بي يارو مددگار روڊ تي ويٺل آهيان، بيماري ۾ مبتلا آهيان سرڪار علاج ڪرائي پر پيرسن جو بروقت علاج ٿي نه سگهيو جيڪو ڪالهه فوت ٿي ويو.