جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر پوليس 9 جون تي آئل ٽينڪر نمبر TKC-768 مان هٿ آيل  منشيات غائب ڪرڻ واري معاملي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ نوٽيس وٺندي ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز کي 5 ڏينهن جي اندر معاملي جي فوري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  جڏهن ته پوليس 460 ڪلو چرس هٿ ڪيو هو جنهن جو مقدار ان کان  وڌيڪ هو جڏهن ته پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ وقت ۽ تاريخ به مختلف ڄاڻائي وئي آهي جڏهن ته پوليس آئل ٽينڪر مان هٿ آيل هزارين ليٽر تيل به غائب ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ صدر پوليس جي اهلڪارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي پوليس اهلڪار پنهنجي جند آجي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان جاچ آفيسر ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ سان رابطو ڪيو ويو ته ان معاملي جي جاچ جي تصديق ڪئي وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او صدر اختر ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس جو آءِ او ۽ فريادي ايس ايس پي لاڙڪاڻي وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي آيو آهي باقي جاءِ واردات جو فرق آهي شمبي شاهه چوڪي وارن منشيات پڪڙي آهي پر اسان واردات ٿورو پري ڏيکاريو آهي حالانڪه منشيات ايتري ئي پڪڙي وئي هئي.