جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي وڪري خلاف پ پ شھيد ڀٽو پاران ضلعي صدر سعيد احمد بروهي، نور محمد منجھو، عبدالسميع سومرو ۽ بابل ڪوريجو جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته جيڪب آباد ۾ زرعي نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي،  هفتو اڳ ٻه نمبر ڀاڻ جو ھٿرادو ملاوٽ ڪندي واپاري کي سوگهو ڪيو ويو.  زراعت کاتي جي عملدارن ان جو گدام سيل ڪيو پر ٻي ڏينهن تي پنچائت جي صدر جي حڪم تي اهو کلي ويو آهي.  هنن چيو ته يوريا ڀاڻ بيلڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، واپاري سرڪاري اگهه کان 500 رپيا مٿي اوڳاڙي رهيا آهن. هنن هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي تي الزام مڙهندي چيو ته پنچائت جو صدر شهر ۾ زرعي نقلي شيون وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهي جنهن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پهتو ۽ ساريالو فصل به اڌواڌ تي گهٽ ٿيو. هنن چيو ته شهر ۾ زرعي دوائن جي سرعام هلڻ خلاف ۽ ضلعي انتظاميا، زراعت کاتي جي عملدارن جي خاموشي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرايو ويندو ان سلسلي ۾ هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي چيو ته منهنجو پنهنجو زرعي شين جو دڪان آهي مون ڪنهن به ٻه نمبر واپاري جي سپورٽ ناهي ڪئي زرعي عملدار موجود آهن اگر ڪوبه واپاري ٻه نمبر ڪاروبار ڪري ٿو ته انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، آئون ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس