جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نينگر کليل گٽر ۾ ڪري فوت، ان ڏس ۾ سول لائن ٿاڻي جي حد ڦول باغ پاڙي ۾ پراڻي ٽانڪي وٽ 7 ورهين جو نينگر محمد يوسف دايو اوچتو گم ٿي ويو، وارثن نينگر جي 4 ڪلاڪن تائين ڳولا ڪئي ته نينگر بيهوشي حالت ۾ گٽر مان مليو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻي طرف فوتي نينگر جي وارثن موجب ته شهر ۾ گٽر جا ڍڪڻ نه آهن، ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود گٽر کليا پيا آهن، ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي سبب اسان جو ٻار فوت ٿيو آهي.