جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آل پارٽيز ڪاميٽي پاران گلاب جان مينگل، شعبان ابڙو ۽ شاهد جوادي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بدامني سبب شهر ۾ حالتون خراب آهن هر روز موٽر سائيڪل چوري ۽ ڦر جي وارداتن سبب شهري ڳڻتي ۾ ورتل آهن پوليس امن امان بحال ڪرائڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان جي صورتحال يقيني بڻايو وڃي