جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن پوليس ريلوي گدام وٽ مبينا مقابلي ۾ جوابدار بخشل عرف سليمان عرف سلطان لغاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪري علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد جي ترجمان موجب ته ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا، گشت دوران پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي باقي 5 ساٿي فرار ٿي ويا آهن گرفتار ڏوهاري خلاف حد جي ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي