جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد ڪوريجو ۾ هفتو اڳ قتل ٿيل پيرسن چوڪيدار محمد نواز کوسو جي قتل جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مولاداد پوليس خلاف هڪ احتجاجي جلوس شاھد حسين کوسو، سھڻو کوسو جي اڳواڻي ڪڍيو ويو، مظاھرين ڊي سي چوڪ اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي وارثن دانهيندي چيو ته ھفتو اڳ ھٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن چوڪيدار محمد نواز کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو، پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هنن الزام هنيو ته ايس ايچ او جوابدارن جو ساٿاري آهي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف مقتول پيرسن جي پٽ شاهد کوسو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيءُ جي قتل جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ايس ايچ او مولاداد خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.