جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ هڪ ڏينهن اڳ قتل ڪيل ٻنهي ڀائرن جي قتل جو ڪيس امڙ جي فرياد تي 9 جوابدارن خلاف داخل، ان ڏس ۾  جيڪب آباد ۾ هڪ ڏينهن اڳ قتل ٿيل ٻنهي ڀائرن گلشير عيساڻي ۽ دلشير عيساڻي جي قتل جو ڪيس آباد ٿاڻي تي امڙ مسمات مھبي جي فرياد تي 7 ڄاتل جوابدارن معشوق علي، شير علي، ظفر علي، نور حسن، خادم عيساڻي، معشوق کوسو ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس اڃا تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، ان حوالي سان پوليس   ٻڌايو ته مقتولن جي امڙ جي فرياد تي 9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.