جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ڳوٺ ديدار قمبراڻي واسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي لاڙڪاڻو پوليس جي مبينا زيادتين ۽ ٽن ڳوٺاڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات سڪينا، اميدان، جيوڻي قمبراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو پوليس ڪاهه ڪئي گهرن ۾ پيل قيمتي سامان ۽ روڪ رقم کڻي وئي، جڏهن ته 3 ڄڻن ديدار قمبراڻي، احسان علي ۽ سھڻو قمبراڻي کي کنڀي کڻي وئي، هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي.