جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊاڪٽر ارشاد سرڪي ۾ شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي عبدالنبي جکراڻي ڌر جي 50 کان مٿي هٿياربندن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، هوائي فائرنگ جو سلسلو 3 ڪلاڪ تائين جاري رهيو، گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته هٿياربند فرار ٿي ويا،  سرڪي برادري جا سوين ماڻهو ٿاڻي تي پهتا پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي سرڪي برادري جي ماڻهن ٿاڻي آڏو سخت احتجاج ڪيو جنهن بعد فائرنگ واري واقعي جو ڪيس خادم سرڪي جي فرياد تي جکراڻي برادري جي ماڻھن محمد يونس، عدل، عبدالحميد، ابراهيم، عبدالحق، عبدالرحيم، اسحاق، اسماعيل اصغر سميت 40 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته جکراڻي برادري جي ماڻهن کي ڳوٺ ۾ شڪار ڪرڻ کان منع ڪيو ويو جنهن کان پوءِ جکراڻي برادري جي ماڻهن ڪلاشنڪوف پسٽل سميت جديد ھٿيارن سان ڳوٺ تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ سبب عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو آهي ان سلسلي ۾ آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شڪار جي معاملي تان جکراڻي برادري جي هٿياربندن 3 ڪلاڪ تائين ڳوٺ تي فائرنگ ڪئي آهي جنهن واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.